لوڌران ۾ عوام ايڪسپريس سان حادثو، هڪ مسافر فوت، 19 زخمي

لوڌران ۾ عوام ايڪسپريس سان حادثو، هڪ مسافر فوت، 19 زخمي

لوڌران (ويب ڊيسڪ)لوڌران ۾ عوام ايڪسپريس جي ريلوي اسٽيشن ويجهو هڪ حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مسافر فوت ۽ 19 زخمي ٿي پيا آهن.ڊپٽي ڪمشنر موجب، عوام ايڪسپريس جون 4 بوگيون ريلوي ٽريڪ تان لهي ويون، هڪ بوگي ۾ ڦاٿل 7 مسافرن کي زخمي حالت ۾ بچايو ويو.ڊي سي لوڌران موجب، زخمين کي ٻين بوگين مان به ڪڍيو ويو ۽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ مسافر فوت ٿي ويو.رپورٽن موجب، ٽرين ۾ ڦاٿل ڪجهه مسافرن کي بچائڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.اختيارين موجب، حادثي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي. عوام ايڪسپريس پشاور کان ڪراچي وڃي رهي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو