غوثپور(عبدالنبي ملڪ) ڪچي جي علائقي ڳوٺ فوجولولائي ۾ جاگيراڻي برادري ۽ لولائي برادري ۾ پراڻو ھلندڙ خوني تڪرار تان ٻيھر جھيڙو ڀڙڪي اٿيو، ٻنھي ڌرين جديد ھٿيارن سان ھڪٻئي مٿان انڌادنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ علي محمد جاگيراڻي ۽ 16ورھين جي نينگري آصفه جاگيراڻي موقعي تي قتل ٿي ويا ۽ بلوچ جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيو. ٻئي طرف لولائي ڌر جو زخمي اميد علي عرف ھزارو لولائي زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ فوت ٿي ويو ٻنھي ڌرين جا مجموعي طور 3 ڄڻا قتل ۽ ھڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو آھي. ا

طلاع بعد حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولن جا لاش کڻائي سرڪاري اسپتال آندا جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ڌرين ۾ھن وقت به ڪشيدگي واري صورتحال آھي. ياد رھي ته ٻه سال اڳ جاگيراڻي برادري ۽ لولائي برادري ڌرين ۾ پوليس جي مخبري ڪرڻ جي الزام ھڻڻ تان جاگيراڻي جي ڌر حملو ڪري لولائي ڌر جا لکڻ پٽ شريف لولائي ۽ شريف لولائي، اللہ جڙيو لولائي جيڪو شريف جو ڀاءُ ھو ۽ ھڪ عورت سميت چار ڄڻا لولائي برادري جا جاگيراڻي برادري قتل ڪيا ھئا ان جي پلاند ۾ لولائي ڌر جاگيراڻي ڌر مٿان حملو ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو نه ئي وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.










