لوفرن خلاف ڪاروائي ڪريو، نياڻي جي اپيل

لوفرن خلاف ڪاروائي ڪريو، نياڻي جي اپيل

ماتلي(ن سنڌيار)نائين ڪلاس جي شاگردياڻي مهڪ انصاري پنهنجي ماء تنزيلا ۽ پي طالب حسين انصاري سان گڏ شاھ لطيف پريس ڪلب پهچي هنن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته پاڙي جا اوباش نوجوان مسلسل تنگ ڪندا آهن ڪجھ ڏينهن پهرين گهرن ۾ گهڙي اسان جي نياڻي سان زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهڙي درخواست اسان پوليس کي ڏني پر پوليس اڃا تائين ڪجھ نٿي ڪري متاثر نياڻي مهڪ ٻڌايو ته شان ۽ ٻيا اوباش نوجوان مسلسل بليڪ ميل ڪري ڌمڪائن ٿا ڪجھ ڏينهن پهرين آئون گهر اندر اڪيلي هيس ته مونسان زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي منهنجي ررڙين تي بعد ۾ فرار ٿي ويا هاڻ مونکي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن ڊپ ۾ آئون هاڻ اسڪول به نٿي وڃي سگهان هن وڌيڪ آء جي سنڌ، ايڊيشنل آء جي حيدرآباد، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين کان پرزور مطالبو ڪندي چيو ته اوباش نوجوانن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو