لوئر دير: گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 5 ماڻهو فوت

لوئر دير: گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 5 ماڻهو فوت

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواه جي ضلعي لوئر دير ۾ ڇت ڪرڻ سبب پنج ماڻهو فوت ٿي ويا.نجي ٽي وي موجب هي افسوسناڪ حادثو لوئر دير جي ميدان علائقي ۾ پيش آيو، جتي هڪ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڇوڪري سميت پنج ماڻهو فوت ٿي ويا.ريسڪيو عملدارن چيو ته حادثي ۾ ٽي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن ۽ انهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ريسڪيو عملدارن موجب، گهر جي ڇت ڪرڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي.ٻئي طرف، ريسڪيو عملدارن چيو ته لوئر دير جي ميدان حياتري ۾ ٻوڏ جي لهر ۾ ڦاٿل ٻن ماڻهن کي بچايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو