سيوھڻ شريف (رپورٽر)حضرت لعل شھباز قلندر جو 772 ھون ساليانو عرس شروع ٿي ويو،ڪالھ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري سيوھڻ شريف پھچي مزار تي چادر چاڙھي سالياني عرس جو افتتاح ڪيو،خبر نوجب:-ھند سنڌ جي معروف بزرگ ھستي حضرت محمد عثمان مروندي ال.عروف لعل شھباز قلندر جو 772 ھون ساليانو عرس ڪالھ کان شروع ٿي ويو،گورنر سنڌ ڪامران ٽجوڙي سيوھڻ شريف پھچي مشار تي حاضرہ ڏني گل. جي چادر چاڙھي فاتح خواني ڪري باقاعدہ سالياني عرس جو افتتاح ڪيو،ا. موقعي تي گورن سنڌ ميڊيا سان گفتگوء ڪندي چيو آھي تہ سنڌ اوليائن جي سرزمين آھي ۽ اسان جي خوش نصيبي آھي جو اسان کي ھي شاندار ورثو مليو آھي ھن چيو تــ اڄ ھن سنڌ ۽ پاڪستان جي خوشحالي ۽ امن لاء خصوصي دعا گھري آھي ھن چيو تـ سنڌ جي ترقي سان ئي پاڪستان جي ترقي منصوب آھي،گورنر سنڌ سيڪريٽري اوقاف،منور علي مهيسر ڪمشنر حيدرآباد سيد خالد حيدر شاھ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو،علي ذوالفقار ميمڻ ۽ ضلعي انتظاميـ کي عرس جي بھترين انتظامن تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو،ھڪ سوال جي جواب ۾ گورنر سنڌ چيو تـ ملڪ ھن وقت معاشي طور تي ڪمزور آھي ۽ ڪا بـ ھڪ سياسي جماعت معيشيت کي بھتر نـ ٿي ڪري سگھي ان ڪري مخلوط حڪومت ۾ سڀئي پارٽيون گڏجي ملڪ کي ھن مشڪل حالتن مان ڪڍڻ لاء ڪوشش ڪنديون،ھن چيو تـ اسان کي بجاء ھڪ ٻئي کي ٺيڪ ڪرڻ جي اسان کي معيشيت کي ٺيڪ ڪرڻ گھرجي،ھـن چيو تـ آزاد اميدوار جن سني اتحاد ۾ شموليت اختيار ڪئي آھي انهن کي بـ آئون ميڊيا جي ذريعي چوان ٿو تــ اسان سڀني کي گڏجي ملڪ جي معيشيت کي بھتر بڻائڻ لاء ڪوشش ڪرڻ گھرجن،سمورن چونڊيل نمائندن کي گھرجي تـ حلف کڻڻ کان پوء ملڪ جي سالميت ۽ خوشحالي لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪن،ھن وڌيڪ چيو تـ چونڊيل نمائندن کي جنهن عوام ان ايوان تائين پھچايو آھي انھن جي فلاح ۽ بھبود لاء ڪم ڪرڻ گھرجي،ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ شموليت جي حوالي سان پڇيل ھڪ سوال جي جواب ۾ گورنر سنڌ چيو تـ سياسي مذاڪرات ۾ ھر پارٽي پنهنجي منشور مطابق ڳالهيون رکندي آھي تـ جيئن ھو پنهنجي تڪ جي عوام جي خدمت ڪري سگھي،ھن چيو تـ سياسي مذاڪرات جو ڳالھيون عوام ۾ نـ ڦھلائڻ گھرجن ان سان سياسي ماحول خراب ٿيندو آھي،ھن چيو تہ ھر سياسي پارٽي جو جيڪو مينڊيٽ آھي ان کي تسليم ڪرڻ گھرجي سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کي مينڊيٽ ڏنو آھي جنهن جو اسان احترام ڪيون ٿا ۽ ساڳي ريت وفاق ۾ بـ جنهن پارٽي وٽ مينڊيٽ آھي ان جو احترام ڪيون ٿا ۽ اسان کي مثبت سوچ سان سڀني اسٽيڪ ھولڊرز کي گڏ کڻي ھلڻ گھرجي ھڪ سوال جي جواب ۾ گورنر سنڌ چيو تـ صدر مملڪت ھڪ ذميوار عھدي تي فائز آھي ۽ ھن کي سوچڻ گھرجي تـ دنيا اسان کي ڏسي رھي آھي ۽ ھو جھموري انداز ۾ اھو عھدو نئين حڪومت جي حوالي ڪري ۽ جيڪڏهن حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تـ ان جو اثر معيشيت تي ٿيندو،ھن چيو تـ سڀني پارٽين کي صبر ۽ تحمل جو مظاھرو ڪندي اڳيان وڌڻ گھرجي،ھن چيو تـ 24 ڪروڙ عوام منتظر آھي تـ ايندڙ حڪومت ھنن جي زخمن تي مرھم رکي ملڪ کي ترقي جي رستي تي وٺي ھلي،










