لز ٽرس جي ملڪه سان ملاقات، وزيراعظم بڻجي وئي

لز ٽرس جي ملڪه سان ملاقات، وزيراعظم بڻجي وئي

لنڊن(ويب ڊيسڪ) لِز ٽَرس سرڪاري طور تي برطانيه جي راڻي سان ملاقات ڪرڻ بعد باضابطه طور تي برطانيا جي وزيراعظم بڻجي وئي آهي. برطانوي ميڊيا رپورٽ موجب برطانيا جي راڻي لز ٽرس کي حڪومت ٺاهڻ جي باضابطه دعوت ڏني آهي. ملاقات بعد هوءَ وزيراعظم جي سرڪاري رهائش گاهه ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ پهچي وئي جتي ڪابينا جي تشڪيل لاءِ مشورا ڪري رهي آهي. واضح رهي ته ملڪي ايلزبيٿ II جي دور ۾ پهرين وزيراعظم ونسٽن چرچل هو، جڏهن ته لز ٽرس جو نمبر 15 آهي. واضح رهي ته بورس جانسن اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ 7 جولاءِ تي وزارت عظميٰ تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو