لبنان ۾ سوڳ، دنيا ڀر مان اسرائيلي حملن جي مذمت

لبنان ۾ سوڳ، دنيا ڀر مان اسرائيلي حملن جي مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)لبنان ۾ خميس ڏينهن اسرائيلي حملن خلاف سوڳ ملهايو پيو وڃي. اسرائيلي حملن ۾ الجزيره موجب 254 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ 1100 کان مٿي زخمي ٿيا هئا.
پاڪستان، برطانيا، فرانس ۽ گڏيل قومن جي اسرائيل پاران لبنان تي اربع ڏينهن ڪيل حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي۔
پاڪستان جي پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان لبنان خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو۔ بيان ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته بين الاقوامي قانونن جي انهن ڀڃڪڙين کي ختم ڪرڻ لاءِ فوري عالمي ڪارروائي ڪئي وڃي۔
برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽري يووِٽ ڪوپر هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو اهو مطالبو ورجايو ته لبنان کي ايران-آمريڪا جنگبندي معاهدي ۾ شامل ڪيو وڃي، ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن کي “بلڪل غلط” قرار ڏنو۔
هن چيو ته انهن حملن سبب وڏي پيماني تي شهرين جي لڏپلاڻ ۽ انساني نقصان ۾ اضافو ٿيو آهي۔ ڪوپر موجب، حملن جي شدت ۾ واڌ “سراسر غلط آهي… اسان چاهيون ٿا ته جنگبندي ۾ لبنان کي به فوري طور شامل ڪيو وڃي.”
فرانس جي پرڏيهي وزير جان نول باهوت چيو ته لبنان تي اسرائيل جا حملا “ناقابل قبول” آهن۔ هن چيو ته اهي حملا ان ڪري به وڌيڪ ناقابل قبول آهن ڇاڪاڻ ته انهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گذريل ڏينهن ٿيل عارضي جنگبندي کي نقصان پهچايو آهي۔
اسپين اسرائيل تي “جنگبندي” ۽ “بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي” جا الزام لڳايا آهن۔ اسپين جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته هو تهران ۾ پنهنجو سفارتخانو ٻيهر کولڻ وارو آهي۔
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس اسرائيل پاران 8 اپريل تي سڄي لبنان ۾ وڏي پيماني تي ڪيل حملن جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته لبنان ۾ فوجي ڪارروايون “جنگبندي ۽ علائقي ۾ پائيدار ۽ جامع امن جي ڪوششن لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهن ٿيون.”
ان کان اڳ، ايران جي نائب پرڏيهي وزير بي بي سي جي ٽوڊي پروگرام کي هڪ خاص انٽرويو ۾ ٻڌايو ته بدھ ڏينهن لبنان تي ٿيل اسرائيلي حملا آمريڪا-ايران جنگبندي جي “سنجيده ڀڃڪڙي” آهن۔

پهنجو تبصرو موڪليو