لبنان ۾اسرائيل جي خوفناڪ بمباري، 250 ماڻهو فوت، ڪيترائي زخمي

لبنان ۾اسرائيل جي خوفناڪ بمباري، 250 ماڻهو فوت، ڪيترائي زخمي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري ’يو اين ايڇ سي آر‘جي لبنان آفيس موجب، اسرائيلي فوج لبنان جي گادي واريشهر بيروت سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 60 کان وڌيڪ هنڌن کي نشانو بڻايو آهي۔ “فوتين جو انگ وڌي رهيو آهي، تباهي تمام وڏي آهي، ۽ عام شهري وري قيمت ڀري رهيا آهن. گڏيل قومن جي اداري ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ اهو ٻڌايو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب 250 ماڻهو مري ويا 1150 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن

اسرائيل جو بيان ۽ حزب الله کي ڌمڪي

اسرائيل جي دفاع واري وزيراسرائيل ڪاٽز هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته اسرائيل سڄي لبنان ۾حزب الله جي سوين ويڙهاڪن کي نشانو بڻايو آهي۔ هن دعويٰ ڪئي ته اهو سيپٽمبر 2024 واري “پيجر حملي” کان پوءِ حزب الله تي سڀ کان وڏو حملو آهي، جنهن دوران اسرائيل ننڍڙا ڌماڪيدار اوزار پيجرن جي فراهمي واري نظام ۾ لڳائي ڌماڪو ڪيو هو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ماڻهو مارجي ويا ۽ 3,000 کان وڌيڪ زخمي ٿيا۔ هن وڌيڪ چيو ته حزب الله جي اڳواڻنعيم قاسم جو “وارو به ايندو”۔

بيروت ۾ خوف ۽ يادون

الجزيره عربي جي لبنان ۾ بيورو چيف مزين ابراهيم چيو ته گادي واري شهر ۾ ڪيترن ماڻهن کي اڄ اسرائيل جي 1982 جون يادون تازيون ٿي ويون آهن۔ اسان جي رپورٽن موجب، اسرائيل صرف 10 منٽن اندر بيروت ۾ لڳ ڀڳ 10 هنڌن ۽ ملڪ جي ٻين ڪيترن ئي علائقن تي حملا ڪيا۔ اهي حملا صرف ڏکڻ مضافات تائين محدود نه هئا، جتي عام طور تي ڪارروايون ٿينديون آهن۔ اسرائيلي فوج انهن حملن کي 2 مارچ کان پوءِ شروع ٿيل تڪرار ۾ لبنان تي سڀ کان وڌيڪ شديد حملا قرار ڏنو آهي۔

لبنان ۾ “حملن” تي اسرائيل کي ايران “سزا ڏيندو”

ايران جي هڪ سينيئر اهلڪارالجزيره کي ٻڌايو ته اسانجو ملڪ “لبنان ۾ ڪيل جرم ۽ جنگبندي جي ڀڃڪڙي جي جواب ۾ اسرائيل کي سزا ڏيندو”۔ اهلڪار چيو ته “جنگبندي سڄي خطي تي لاڳو ٿئي ٿي، ۽ اسرائيل واعدا ٽوڙڻ لاءِ سڃاتو وڃي ٿو ۽ کيس صرف طاقت سان روڪي سگهجي ٿو”۔ ايران جيفارس نيوز ايجنسي، هڪ نامعلوم فوجي ذريعي حوالي سان، چيو آهي ته ايران اسرائيل جي جنگبندي جي ڀڃڪڙي جي جواب لاءِ تياري ڪري رهيو آهي۔ اسان توهان کي وڌيڪ تفصيل ملڻ سان گڏ مهيا ڪندا رهن

داسين۔

پهنجو تبصرو موڪليو