ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي)لاڪ ڊائون جي ٻئي ڏينهن قائدا آباد دائود چورنگي ڀينس ڪالوني اسٽيل ٽائون ميمڻ گوٺ ملير 15 لانڍي سميت ڀرپاسي واري علائقن ۾ مڪمل لاڪ ڊائون تي عمل نه ٿي سگهيو ڏيتي ليتي ذريعي علائقه پوليس تمام ننڍي وڏي ڪاروباري مرڪزن تي شفقت ڀريو هٿ رکي ڇڏيو. ملير شاھ لطيف، سکڻ، اسٽيل ٽائون ملير سٽي بن قاسم ٽائون مراد ميمڻ ڳوٺ گڏاپ شرافي ڳوٺ سميت 8 کان وڌيڪ ٿاڻن جي حدن ۾ ننڍي وڏي ڪاروباري جا مرڪز معمول مطابق کليل رهيا. شهرين جي اچ وڃ معمول مطابق جاري رهي. شهرين جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جيان حد پوليس به ڪرونا کي پنهنجي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي ڀتو ڏيندڙ اڪثر مارڪيٽون ۽ دڪان کليل آهن جڏهن ته باقي ننڍي ڪاروبار ريڙهي اسٽال وارن جي پويان پئجي ويا آهن، علائقي ۾ هوٽل به کليل رهيا ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل نظر نه آيو.










