لاڪ ڊائون برقرار يا ڪاروبار کولڻ بابت اهم اجلاس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي حڪمت عملي جوڙي سڄي ملڪ ۾ ان تي موثر نموني عمل ڪرائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويندا. وزيراعظم جي صدارت ۾ سڏايل نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ چئني صوبن جا وڏيا وزير به شريڪ ٿيندا. تعميراتي سيڪٽر م جزوي سرگرميون شروع ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ۾ لاڪ ڊائون ۾ واڌ بابت غور ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي وڏي وزير پاران ٻه هفتا لاڪ ڊائون ۾ واڌ بابت فيصلو ٿيندو. گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير جي پري ڪانفرنس ۾ وفاق تي لڳايل الزامن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي پر سگهارين ڌرين پاران مداخلت بعد معاملا ٿڌا ٿيا هئا. اڄوڪي اجلاس ۾ امڪان آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا به خصوصي طور شرڪت ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو