لاکڙا ڪول فيلڊ مان ڪوئلي جي چوري خلاف احتجاج

لاکڙا ڪول فيلڊ مان ڪوئلي جي چوري خلاف احتجاج

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) لاکڙا ڪول فيلڊ جي پي ايم ڊي سي ڪمپني مان  ڪوئلو جي چوري خلاف ملازمن جو احتجاجي مظاهرو، ڪمپني جي گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪندي نديم ڪوئلا ڪمپني ۾  ڪوئلي جي کوٽائي ۽ لوڊنگ جو ڪم بند ڪرايو جنهن تان انتظاميا ۽ مزدورن ۾ منهن ماري ۽ چڪريون پڻ ٿيون. ان موقعي تي پورهيتن شاهڏنو کوسو، پنهل رند، سومر رند  ميڊيا کي ٻڌايو ت 18 هين ترميم کان پوءِ وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ پي ايم ڊي سي ڪمپني ۾ تڪرار هلندڙ آھي جنهن سبب مقامي پورهيتن کي سنڌ حڪومت نيڪالي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي وڏي عرصي کان پگهارون بند ڪيون  جنهن ۾ عدالت طرفان فيصلو ٿيڻ تائين ڪم بند ڪرڻ جو حڪم ڪيو پر ٺيڪيدار نديم ڪمپني ڳجهه ڳوهه ۾ چوري ڪوئلو ڪڍرائي وڪرو ڪري رهي آھي جنهن سبب ڪجهه وقت اڳ 5 مزدور گئس ڌماڪي سبب فوت ٿي ويا هئا پر ڪمپني ٻيهر ڌاري ملازم جي لوڌ آڻي پوليس سان ملي ڀڳت ڪرائي ڪوئلو چوري ڪرائي رهي آھي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته چوري بند ڪرائي کين پگهارون ڏنيون وڃن. هوڏانهن اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو پورهيتن جي حمايت ۾ احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو