لاکاروڊ، مسلم ليگي اڳواڻ جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ملزم

لاکاروڊ (اظھر جلباڻي) مسلم ليگ ن سنڌ جي جي جوائنٽ سيڪريٽري ملڪ غلام عباس اعواڻ کي ڀرياروڊ پوليس سال 2011 جي هڪ قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آھي، غلام عباس اعواڻ لاکاروڊ ٿاڻي تي ايف آء آر نمبر32/2011 تحت داخل قتل ڪيس ۾ لاکاروڊ پوليس کي گهربل هيو، ڀرياروڊ پوليس کيس لاکاروڊ پوليس حوالي ڪيو آھي،ياد رهي تہ 12.06.2011 تي زمين جي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ وارث لاکو قتل ٿي ويو هيو، سندس ڀاء دلدار حسين لاکو لاکاروڊ ٿاڻي تي غلام عباس اعواڻ ، الياس لاکو،سليم ،عظيم لاکو ، سڄڻ لاکو سميت 15 سڃاتل ۽ پنج اڻ سڃاتل ماڻهن سميت 20 جوابدارن خلاف ايف آء آر نمبر 32/2014 تحت قتل ڪيس داخل ڪرايو هيو.
لاکاروڊ ٿاڻي تي صحافين سان ڳالهائيندي ن.ليگ اڳواڻ غلام عباس اعواڻ چيو تہ زمين جي تڪرار سان منهنجو ڪو بہ تعلق نہ هيو،سال 2011 ۾ لاکا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙي ۾ وارث لاکو قتل ٿيو هيو ،ڌرين جي پاڻ ۾ ٺاھ ٿيڻ بعد فريادي ڪيس تان هٿ کڻي ويا هئا.. منهنجو ڪيس ۾ نالو هجڻ جي مونکي ڪا بہ خبر نہ هئي ۽ نہ ئي گذريل 8 سالن ۾ مونکي ڪيس بابت عدالت جو ڪو نوٽيس وغيره مليو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو