لاڙ ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاج

لاڙ ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاج

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ ) لاڙ واري خطي ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف ٺٽي جي اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ۽ پيپلز هاري ڪميٽي جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، پبلڪ پارڪ مڪلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي مڪلي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، جنھن کي خطاب ڪندي اڳوڻي ايم اين اي پيپلز ھاري ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، پيپلز هاري ڪميٽي ٺٽي جي ضلعي صدر رضا محمد بلوچ، اسماعيل گُلڙي، عبدالرحمان ٻير سرڪي، علي محمد خاصخيلي، علي محمد شيخ، عبدالستار ملاح، اسماعيل رند، خير محمد، يار محمد ملاح، قاسم ڪھيو، عاشق ملاح ۽ ٻين پاڻي کوٽ ۽ سنڌ جي پاڻي جي حصي تي ڌاڙي ۽ وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته لاڙ واري خطي سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي، هٿ وٺي سنڌ کي سُڪائي حالتون خراب ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. ھنن چيو تہ سنڌ جي لاڙ واري خطي خاص طور تي ٺٽو سجاول بدين ضلعن ۾ هاڻي ته پيئڻ توڙي غسل لاءِ به پاڻي ميسر نه آهي ۽ سڄي سنڌ خاص طور تي لاڙ جي زرعي آبادي تباھ ٿي رهي آهي ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي، ان کانسواء اسانکي پنھنجي فصلن خاص طور سبزين جو مناسب اگھ به نٿو ملي، ڊي سي آفيس ۾ رشوت جي بازار گرم آھي جتر زميندارن کان ڳري رشوت وٺي زمينن جا کاتا ڪمپيوٽر ڪيا پيا وڃن. ھنن گھر ڪئي ته وفاق پاران وڏا ڪئنال بند ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي فراھم ڪري آبادگارن کي نقصان کان بچايو وڃي. ٻي صورت ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڪمون شھيد تي ڌرڻو ھنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو