لاڙڪاڻي جي حادثن، مظاهرن، پوليس ڪارواين جون اهم خبرون

لاڙڪاڻو(ن س) سول لائين ٿاڻي جي حد پراڻي اسٽان واري پل ڀرسان افسوس ناڪ حادثو تيز رفتار ٽريڪٽر جو چنگچي رڪشه کي خوف ناڪ ٽڪر سبب لهر ڪالوني جي رهواسڻ 45 سالا پيرسن عورت مسمات نيمان خاتون زال محمد پناھ چانڊيو ۽ سندس جي معصوم پوٽي ارم ڌيءُ اختيار علي چانڊيو سميت رائيس ڪئنال ٽاپ محلي جو رهواسي نينگر مدثر لغاري موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. حد جي پوليس ٽنهي فوتين جا لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال پهچايا، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس ٽريڪٽر ڊرائيور نويد ڦلپوٽو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.*** باقراڻي لڳ ڳوٺ ٻڍل خان ڪورائي ۾ راند ڪندي پير ترڪڻ سبب 4 سالا نينگر سعيد پٽ عبدالجبار ڪورائي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. *** فرسٽ ايڊيشنل ماڊل ڪورٽ جي جج شيام لعل پاران ٻن مقتولن شاهد گوپانگ ۽ محمد هاشم گوپانگ جو قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي باڊھ لڳ ڳوٺ ٻاٻوري جي رهواسي 8 جوابدارن حبدار گوپانگ، نادر، گلزار، پهلوان، گدا حسين، عاشق علي، سهڻو ۽ محمد رمضان گوپانگ کي عمر قيد سميت ٽي ٽي لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.*** لاڙڪاڻو پوليس پاران ضلعي جي مختلف هنڌن تي ڪاروايون ڪندي 14 جوابدار گرفتار ڪري سندن وٽان اسلحو ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾ لاڙڪاڻو پوليس جي ضلعي پريس ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پڌرو ڪيو آهي ته ڪنگا ٿاڻي جي پوليس ڪامياب ڪاروائي ڪندي مختلف ڪيسن ۾ ملوث گهربل جوابدار مور جت کي ريوالور ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ سول لائين ٿاڻي جي پوليس چيڪنگ دوران لاهوري ريگيوليٽر پل وٽان جوابدار روحيل مسيحي کي ريوالور ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وليد ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي مختلف ڪيسن ۾ ملوث اشتهاري جوابدار محسن مڪول کي هڪ ڪلو ۽ هڪ پاءُ چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي پوليس چيڪنگ ڪرڻ دوران گهربل جوابدار صالح عرف لباڙي ماڇي کي هڪ ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته دڙي ٿاڻي جي پوليس چيڪنگ ڪرڻ دوران جوابدار وسيم شيخ کي هڪ ڪلو ۽ اڌ پاءُ چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ وليد ٿاڻي جي پوليس چيڪنگ ڪرڻ دوران آريجا روڊ وٽان جوابدار رياض چانڊيو کي هڪ ڪلو هڪ پاءُ چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ باڊھ ٿاڻي جي پوليس چيڪنگ ڪرڻ دوران مختلف ڪيسن ۾ ملوث ٻن اشتهاري جوابدارن فدا کوکر ۽ منٺار تنيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سول لائين ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي جوابدار ستار عرف اعجاز جتوئي کي چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس دوران چيڪنگ جوابدار نور الله مگسي کي چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سيهڙ ٿاڻي جي پوليس چيڪنگ ڪرڻ دوران جوابدار علي جان گاڏهي کي چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ ڌامراھ ٿاڻي جي پوليس دوران چيڪنگ جوابدار غلام قادر بروهي کي نشي آور گٽڪي سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سچل ٿاڻي جي پوليس چيڪنگ دوران ٻن جوابدارن اڪبر شاھ ۽ صادق چنو کي ڀنگ سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، هوڏانهن لاڙڪاڻو پوليس پاران گرفتار جوابدارن مٿان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن.*** چنگچي رڪشا يونين لاڙڪاڻي پاران ميونسپل ڪارپوريشن انتظاميا خلاف لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان چنگچيون بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي يونين جي اڳواڻن احمد نواز چانڊيو، جبار چانڊيو، وحيد جاگيراڻي، عثمان جاگيراڻي، هالار پهوڙ ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي جون عملي هر چنگچي واري کان ڀتي طور 10 روپيا اڳاڙي ڪري رهيو آهي.*** باقراڻي لڳ ڳوٺ مڏ فريد آباد جي رهواسي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن پاران پورهيت جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مسمات شهناز خاتون چانڊيو، نادر چانڊيو، محمد عالم چانڊيو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪجھ مهينا اڳ جوابدار اظهر علي چانڊيو، اسد علي، طالب چانڊيو، ضمير، غلام نبي، عبدالرسول چانڊيو ۽ ٻين اسان جي پورهيت نوجوان اياز علي چانڊيو کي بيدردي سان گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد سندس جو لاش هڪ کوھ ۾ اڇلايو ڇڏيو هو، جڏهن ته اهڙي واقعي جو ڪيس اسان حد جي باقراڻي ٿاڻي تي مٿين جوابدارن خلاف داخل ڪرائڻ سان گڏ علائقي جي ايم پي اي سهيل انور سيال اڳيان دانهون پڻ ڪيو آهن، پر تنهن جي باوجود به اسان جي نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن، جيڪو اسان سان ظلم ۽ زيادتي آهي، احتجاج ڪندڙ اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا هن معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.***موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي مان 2 هفتا اڳ شهيد پوليس اهلڪار انور ممڻاڻي جي شادي شده ڌيء مسمات مثنا ممڻاڻي کي مبينا اغوا ڪندڙ نقلي پير اڃان تائين گرفتار نه ٿيو آهي.هوڏانهن مبينا اغوا ٿي ويل عورت به بازياب نه ٿي سگهي آهي.ان موقعي تي اغوا ڪيس ۾ گرفتار جوابدار باسط پير زادو ميڊيا کي ٻڌايو ته اغوا ٿيل شهيد پوليس اهلڪار جي نياڻي مثنا ممڻائي پاڻ نقلي پير سان گڏجي تعويز ڦيڻو ڪندي هئي،هن چيو ته اغوا ٿيل عورت کي مان گهران وٺي پنهنجي ڳوٺ جي پاڙيسري منظور ابڙو وٽ پهچايو جنهن عورت کي نقلي پير وٽ پهچايو،هوڏانهن اغوا ڪيس ۾ ٻيو گرفتار جوابدار منظور ابڙو لاڪپ ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته اغوا ڪندڙ جعلي پير منهنجي مٿان ڦيڻو ڪيو جنهن بعد مان اغوا ٿيل شادي شده عورت کي جعلي پير حوالي ڪيو،جيڪو عورت کي اغوا ڪري فرار ٿي ويو. هوڏانهن ايس ايڇ او ايئرپورٽ ميڊيا کي ٻڌايو ته مک جوابدار نقلي پير مظھرالحق عباسي کي گرفتار ڪرڻ لاء مختلف جاين تي ڇاپا هنيا آھن پر هو گرفتار نه ٿي سگهيو آھي،هن چيو ته جلد نقلي پير سميت ٻيا عورت جي اغوا ڪيس ۾ گهربل جوابدار احسان جيسر ۽ قمر ابڙو کي به گرفتار ڪري سندن وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.***ميهڙ واسي چانڊيا برادري جي ماڻهن پاران لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مسمات عزيزان خاتون چانڊيو، سليمان چانڊيو، صدام حسين، عاشق حسين ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ وليد ٿاڻي جي پوليس اسان جي پورهيت نوجوان رياض حسين چانڊيو کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ سندس مٿان چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي جيل اماڻي ڇڏيو آهي، جيڪو نوجوان ڪراچي جي هڪ هوٽل تي مزدوري ڪندو هيو، جڏهن ته وليد ٿاڻي جي پوليس اسان کان نوجوان جي آزادي لاءِ 50 هزار روپين جي رشوت طلب ڪئي.   

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو