لاڙڪاڻي بعد دادو مان به پي پي جي تڏا ويڙهه ٿيندي، جتوئي

لاڙڪاڻي بعد دادو مان به پي پي جي تڏا ويڙهه ٿيندي، جتوئي

دادو(ادل مهيسر)جوهي پي ايس 86 تي دنگل شروع سياسي نمائندن ورڪ تيز ڪري ڇڏي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن اڳوڻي سينيٽر صداقت علي خان جتوئي ، اڳوڻي ضلعي ناظم ڪريم علي جتوئي، پي ايس 86 جي پي ٽي آءِ اميدوار رئيس امداد علي لغاري، سردار عاشق علي زنئور ۽ ٻين جا ڪاڇي جي علائقن ڇني، جوھي، ٽنڊو رحيم خان، هليلي، واهي پانڌي ۽ ٻين علائقن ۾ اليڪشن مھم جي حوالي سان ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون ۽ علائقي جي ماڻھن کي خطاب ڪيو ان موقعي تي پي ٽي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪاڇي جي عوام جو درد اسان کان برداشت نه ٿو ٿئي اسان رت جي آخري ڦڙي تائين ڪاڇي جي عوام جي حقن جي جنگ وڙھندا رھنداسين اسان ميدان خالي ڇڏڻ وارن مان نه آھيون عوام دشمنن جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين. جوھي جي عوام کي سجاگ ٿيڻ جو وقت اچي ويو آھي اسان پراميد آھيون لاڙڪاڻي جيان جوھي مان به پيپلز پارٽي جي تڏا ويڙھ ٿيندي عوام ۾ شعور اچي ويو آھي پيپلز پارٽي عوام کي ايڊز تحفي ۾ ڏني آھي، ضلعي جي اسپتالن ۾ پ پ جي نمائندن جون اوطاقون هلن ٿيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو