لاڙڪاڻو (ن س) سنڌ جي شهر لاڙڪاڻو ۾ ايڇ آئي وي سان متاثر ٻارڙن کي 5 جڪروڙ 40 لک رپيا ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي سنڌ ايڊز ڪنٽرول آفيسرن مطابق لاڙڪاڻو ۾ ايڇ آئي وي متاثر ٻارڙن کي امداد سنڌ انڊومينٽ فنڊ جي منافعي مان ڏني ويندي ايڇ آئي وي متاثر هر ٻار جي ماءُ کي 45 هزار رپيا ڏنا ويندا. متاثر ٻارڙن لاءِ پئسا مارچ جي مهيني ۾ ڏنا ويندا ان حوالي سان ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي چيو ته ٻوڏ جي ڪري ايڇ آئي وي متاثر ٻارڙن جي امداد چئوڻ تي وڌائي وئي آهي هن چيو ته امداد جاري ڪرڻ لاءِ ري هيبليٽيشن جي منظوري جو انتظار آهي










