لاڙڪاڻو: (ن س) ڏوڪري ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀلي ڏنو بهڻ ۾ ماءُ پاران مبينا طور چئن ورهين جي معصوم نياڻي کي گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو.ڳوٺ ڀلي ڏنو بهڻ ۾ مبينا ماءُ مسمات خوشبو بهڻ چئن ورهين نياڻي ڪائنات بهڻ کي گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو. اطلاع تي ايئرپورٽ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي نينگري جو مڙھ ڏوڪري اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ پھچايو. ٻئي طرف فوتي نينگر جو لاش هڪ ڪلاڪ کان ڏوڪري اسپتال ۾ پيل آهي، ڊاڪٽر نه هجڻ سبب پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو آهي.ٻئي طرف مقتول نينگري جي چاچي نثار احمد بهڻ صحافين کي ٻڌايو ته مسمات خوشبو بهڻ جو دماغي توازن درست نه هجڻ سبب نياڻي کي گهٽا ڏئي ماريو آهي. ھوڏانھن ايئرپورٽ پوليس جو چوڻ آھي ته ماءُ خوشبو زال اظهار علي بهڻ پنهنجي چئن ورهين جي نياڻي ڪائنات بهڻ کي گهٽا ڏئي ماريو آهي، مسمات خوشبو بهڻ کي گرفتار ڪيو آهي، گرفتار ٿيل عورت مسمات خوشبو بهڻ اقرار ڪندي چيو آهي ته پنهنجي نياڻي کي گهٽا ڏئي ماريو آهي.










