لاڙڪاڻو يونيورسٽي جو قيام اتر سنڌ جي عوام لاءِ تحفو آهي: اظهر علي شاهه

لاڙڪاڻو يونيورسٽي جو قيام اتر سنڌ جي عوام لاءِ تحفو آهي: اظهر علي شاهه

لاڙڪاڻو(ن س ) لاڙڪاڻو يونيورسٽي جي قيام جي خوشي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو ۾ تقريب، ڪئمپس جي استادن، شاگردن، ملازمن سان گڏ ٻين اعليٰ تعليمي ادارن جي سربراھن ۽ ساڃھ وندن جي ڀرپور شرڪت، پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت طرفان لاڙڪاڻو يونيورسٽي جي قيام جي ساراھ ڪندي چيو ته لاڙڪاڻو يونيورسٽي جو قيام اتر سنڌ جي عوام لاءِ تحفو آهي، انتظاميه کي فوري طور تي سمورا معاملا اُڪلائڻ گهرجن جيئن ته لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي واسي نوجوان اڳتي اچي پنهنجو مستقبل سنواري سگهن. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو جي پي آر او عاطف رفيق سمون جي جاري ڪيل پڌرائي موجب لاڙڪاڻي ۾ جنرل يونيورسٽي قائم ٿيڻ جي خوشي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو جي آڊيٽوريم هال ۾ پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاھ جي صدارت هيٺ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي پرنسيپال پروفيسر ڊاڪٽر سلطان ميتلو، شھيد بينظير ڀٽو لا ڪاليج لاڙڪاڻو جي پرنسيپال ايڊوڪيٽ شاھد حسين قريشي، ڊاڪٽر ذوالفقار علي عباسي، ڊاڪٽر سڪندر مغل، ڊاڪٽر ذوالفقار راھوجو، محترم عاشق نظاماڻي، محترم ايوب گاد, محترم سڪندر ڪلھوڙو، محترم سليم رضا ڪنڀر، ايڊووڪيٽ عبدانبي ساريو، پروفيسر ڄام جمالي، ڊاڪٽر نديم ڪناسرو، ڊاڪٽر اياز ميتلو، محترم حسين علي ڪنڀر، محترمـ حنا شاھ، عبدالرسول لغاري، اظھر ڪلھوڙو، شاگردن جي ليڊرس سوسائٽي جو چونڊيل صدر عبدا الله تنيو، ياسين ميمڻ، ڪبير ڀٽو، ڪلثوم عباسي، شھزاد جوکيو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت طرفان لاڙڪاڻو يونيورسٽي جي قيام جي عمل جي ساراھ ڪجي ٿي، اميد آهي ته لاڙڪاڻي جي تاريخي ثقافتي ۽ تھذيبي حيٽيت جي لحاظ سان لاڙڪاڻو يونيورسٽي تمام جلد عالمي مڃتا ماڻيندي ۽ ان ڏس ۾ حڪومت سان گڏ سموري عوام جي گڏيل تعاون جي اشد ضرورت آھي. ھن يونيورسٽي وسيلي سمورن مضمونن جي اعلي تعليم ۽ تحقيق عوام جي درن تائين پھچائڻ جي خواب جي تڪميل ٿي آھي ۽ اميد تـ لاڙڪاڻو يونيورسٽي نـ صرف ھن علائقي پر پوري ملڪ ۽ بين الاقوامي سطح تي انسانيت جي امن ترقي ۽ خوشحالي لاء پنھجو گھربل ڪردار ادا ڪندي. لاڙڪاڻو يونيورسٽي جي قيام جي خوشي ۾ جشن ملھائڻ جي شروعات ڪيڪ ڪٽڻ سان ڪئي وئي جنھن بعد سنڌ جي ناليواري راڳي عاشق نظاماڻي سنڌي گيت “ھو جمالو” ڳايو جنھن تي شاگردن تمام گھڻو رقص ڪري خوشي جو اظھار ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو