لاهور )ويب ڊيسڪ)پنجاب جي نگران سرڪار تحريڪ انصاف جي ريلي کان اڳ لاهور ۾ جلسن جلوسن ۽ ريلين تي پابندي لڳائي ڇڏي، مال روڊ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون آهن نگران حڪومت موجب جلسن ۽ جلوسن تي پابندي اڄ کان 7 ڏينهن تائين جاري رهندي، نوٽيفڪيشن موجب پابندي لاهور ۾ ٽريفڪ ۽ سيڪيورٽي جي خراب صورتحال سبب لڳائي وئي آهي پوليس زمان پارڪ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتوآهي. پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ پوليس م چڪريون جاري رهيون، پوليس تي پي تي آءِ وارا پٿراءُ ڪندا رهيا، پوليس گاڏين کي نقصان پهتو، ڪجهه اهلڪار زخمي به ٿيا. جنهن بعد پوليس ڳوڙها گيس جي شيلنگ ڪندي، واٽر ڪينن ۽ رٻڙ جون گوليون به هلايون. عمران خان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سندن هڪ ڪاڪرڪن پوليس تشدد سبب فوت ٿي ويو آهي.
Ali Bilal unarmed & our dedicated & passionate PTI worker murdered by Punjab police. Shameful, this brutality on unarmed PTI workers who were coming to attend election rally. Pakistan is in the grip of murderous criminals. We will file cases against IG, CCPO & others for murder. pic.twitter.com/BLQZE1uejr
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) March 8, 2023
زمان پارڪ ۾ واٽر ڪينن به گهرايون ويون آهن شيخ رشيد چيو آهي ته زمان پارڪ جي طرف ڪنيٽنرز رکيا ويا آهن، طاقت جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي، لاهور جا شهري عمران خان سان گڏ نڪرڻ لاءِ تيار آهن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حماد اظهر چيو ته راڻا ثناءُ الله ۽ نون ليگ ملڪ ۾ ٽڪراءُ ۽ لاش ڪيرائڻ چاهين ٿا، عدليه سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي حماد اظهر چيو ته اڄ ريلي هر صورت ۾ ڪڍي ويندي










