لاهور واقعو، گرفتار 5 جوابدارن جو جسماني رمانڊ منظور

لاهور واقعو، گرفتار 5 جوابدارن جو جسماني رمانڊ منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي ڀاٽي گيٽ ويجهو سيوريج لائين ۾ ڪري فوت ٿيندڙ ماءُ ۽ ڌيءَ جي ڪيس ۾ گرفتار پنجن جوابدارن کي چار ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي.پوليس پروجيڪٽ مئنيجر ۽ ٻين جوابدارن کي هٿڪڙين سان لاهور ضلعي عدالت ۾ پيش ڪيو. جوڊيشل مئجسٽريٽ شفقت عباس پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ڪمپني جي سي اي او جي ڀاءُ عدالت ۾ واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته هو 54 سالن ۾ پهريون ڀيرو عدالت ۾ بيٺو آهي ۽ هن واقعي ۾ ملوث ناهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي جوابدار جي وڪيل چيو ته انساني همدردي جي بنياد تي متاثر خاندان کي 10 ملين رپين جو چيڪ ڏنو ويو آهي.وڪيل چيو ته هن ڪيس ۾ ديت کان سواءِ ڪا به سزا نه ٿي سگهي، ٻه جانيون ضايع ٿيون آهن، ديت جي رقم 6.6 ملين رپيا آهي، انهن 3.3 ملين رپيا وڌيڪ ڏنا، اهي خاندان کي قائل ڪندا، ۽ اهي حڪومت کي به راضي ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو