لاهور ۾ وڪيلن جو احتجاج، لٺبازي، شيلنگ، گرفتاريون

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ جي پي او چوڪ تي وڪيلن پاران سول عدالتن جي منتقلي ۽ وڪيلن خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج دوران پوليس طرفان لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستان بار ڪائونسل طرفان ڪالهه سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو.احتجاج دوران وڪيلن رڪاوٽون هٽائي هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پنجاب پوليس وڪيلن کي منتشر ڪرڻ لاءِ لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڪئي، پوليس احتجاج ڪندڙ وڪيلن تي واٽر ڪينن جو استعمال پڻ ڪيو.پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب مال روڊ ۽ ڀرپاسي جي روڊن تي ٽريفڪ جي رواني پڻ متاثر ٿي. ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جي پي او چوڪ تي ميٽرو بس اسٽيشن کي به بند ڪيو ويو آهي.پوليس تشدد خلاف پاڪستان بار ڪائونسل به سڀاڻي هڙتال جي سڏ ڏئي ڇڏي آهي، وڪيل اڳواڻ احسن ڀون جو چوڻ آهي ته سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيندا، پوليس جي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ کان بچڻ لاءِ جي پي او چوڪ ۾ او رنج لائن اسٽيشن جي قدمن تي وڪيلن جو وڏو انگ به بيٺو آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته هو هاءِ ڪورٽ ۾ جنرل هائوس جو اجلاس منعقد ڪرڻ کانسواءِ واپس نه ويندا. ڊي آءِ جي آپريشنز ڪامران فيصل وڪيلن سان ڳالهين لاءِ پهچي ويو، پر لاهور بار ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته اسان جي پوليس سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.لاهور بار جي صدر منير ڀٽي جو چوڻ آهي ته اسان جو مطالبو ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، انصاف جي فراهمي ۽ آزاد عدليه آهي. هن چيو ته عدالتن ۽ 7 اي ٽي ايز جي منتقلي جو نوٽيس واپس ورتو وڃي، ڳالهين بابت ڳالهائيندي منير ڀٽي چيو ته ڏسنداسين ته ڳالهيون ٿينديون.ٻئي طرف پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر وڪيلن تي شيلنگ ۽ لاٺي چارج شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ پوليس طرفان وڪيلن جي گرفتاريون پڻ ڪيون پيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو