راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ ۽ بنا ڪنهن ثبوت جي کيس اشتهاري قرار ڏيڻ تي اينٽي ڪرپشن پنجاب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي طلبي تي راڻا ثناءُ الله پنهنجي وڪيلن سميت عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس صداقت علي خان ايڊيشنل ڊي جي اينٽي ڪرپشن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته توهان راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس جا ثبوت پيش ڪرڻا آهن، ثبوت ڪٿي آهن؟ عدالت پڇاڻو ڪيو ته راڻا ثناءُ الله هائوسنگ سوسائٽي مان پلاٽ خريد ڪيا، هو پلاٽن جو خريدار آهي، خريد ڪندڙ کي تحفظ ڏيڻ بدران توهان مٿس ڪيس ٺاهي رهيا آهيو.اينٽي ڪرپشن پنجاب جي وڪيل چيو ته هائوسنگ سوسائٽي جو اين او سي جاري ناهي ڪيو ويو، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اين او سي جو ان ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي، ثابت ڪيو وڃي ته ثناءُ رشوت ڪنهن کان ورتي.لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ طلب ڪرڻ باوجود ڊي جي اينٽي ڪرپشن جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته راڻا ثناءَ جا گرفتاري وارنٽ غلط داخل ڪيا ويا، هڪ اشتهاري بڻايو ويو، ڇو نه توکي جيل موڪليو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس صداقت علي خان ڪيس جي ٻڌڻي 28 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي رڪارڊ سميت مڪمل تياري سان اچڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










