لاهور مان گرفتار 58 مسلم ليگي ڪارڪن جيل حوالي

لاهور مان گرفتار 58 مسلم ليگي ڪارڪن جيل حوالي

لاهور (ويب ديسڪ) عدالت مسلم ليگ (ن) جي گرفتار 58 ڪارڪنن کي پوليس رمانڊ ۾ ڏيڻ جي درخواست رد ڪندي 14 ڏينهن جي جھوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جھُڊيشل مئجسٽريٽ حافظ نفيس يوسف جي عدالت ۾ پوليس گرفتار ڪارڪنن کي پيش ڪيو، پوليس جي وڪيل چيو ته هنن کي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. ليگي ڪارڪنن جي وڪيل فرهاد علي مخالفت ڪندي چيو ته ڪيس ۾ لاڳو ڪيل 6 قلم ضمانت جوڳا آهن ۽ هن ڪيس ۾ قلم 440 لاڳو نٿو ٿئي، ڇو ته هي ڪنهن کي قتل ڪرڻ يا يرغمال بڻائڻ نه آيا هئا پر هٿين خالي سياسي سرگرمي ۾ شرڪت لاءِ آيل هئا. هن چيو ته هي عدالت آهي نيب جو حڪم هتي نه هلندو. عدالت 58 ئي گرفتار ڪارڪنن کي جيل موڪلي ڇڏيو. ياد رهي ته رائيونڊ ۾ زمين خريدڻ واري ڪيس ۾ جاچ لاءِ 11 آگسٽ تي مريم نواز کي نيب لاهور طلب ڪيو هو ان موقعي تي مسلم ليگي ڪارڪن ۽ اڳواڻ جمع ٿيا هئا ۽ پوليس سان چڪرين بعد کين گرفتار ڪيو ويو هو. جنهن بعد نيب جي چوڻ تي چونگ پوليس ٿاڻي تي مريم نواز سميت 300 مسلم ليگي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو