لاهور (ويب ڊيسڪ)دهشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ٽن ڪيسن ۾ 13 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي ٽن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عمران خان جي پيشي جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، عدالت جي احاطي ۾ اينٽي رائيٽس فورس جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا.اي ٽي سي ٻاهران پوليس جي اضافي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي.ڪالهه اڱاري ڏينهن دهشتگردي جي انت واري عدالت باهه، پوليس تشدد ۽ ذول شاهه قتل ڪيس ۾ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت درخواست رد ڪندي رمارڪس ڏنا ته عمران خان 11 وڳي تائين پيش ٿئي، ٻي صورت ۾ قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابڙو گل چيو ته جيڪو به عدالت ۾ ايندو ان کي رليف ملندو، عمران خان جا ضمانتي مچلڪا جمع ناهن ٿيا.عمران خان جي وڪيل چيو ته عمران خان جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا آهن.عدالت ٻڌڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان اڳ عمران خان جي 3 ڪيسن ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان لاهور ۾ آهي ۽ سڪيورٽي خدشن سبب پيش نٿو ٿي سگهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري.










