لاهور سي ٽي ڊي جي ڪارروائي 5 مبيه دهشتگرد گرفتار

لاهور سي ٽي ڊي جي ڪارروائي 5 مبيه دهشتگرد گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ لاهور دهشتگردي جو هڪ وڏو منصوبو ناڪام بڻايو۽ دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. سي ٽي ڊي عملدارن موجب گرفتار دهشتگردن لاهور ۾ سول سيڪريٽريٽ کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئا.عملدارن موجب دهشتگردن جي سڃاڻپ ثمرقند عبرالرحمان  وزيرگل عصمت الله ۽ عمران جي نالي سان ٿي آهي هنن خلاف سي ٽي ڊي لاهور ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن وٽان دستي بم هٿيار، افغان ڪرنسي، موبائل فونز ۽ حساس جاين جي وڊيو هٿ ڪئي وئي آهي. پوليس عملدارن موجب شروعاتي جاچ موجب دهشتگرد 2 مهينا اڳ افغانستان کان آيا هئا، هنن کي افغان اٽليجينس ايجنسي جي انڊر ڪور جلال آباد ۾ ٽاسڪ ڏنو هو.عملدارن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو نمائندو به آهي جڏهن ته دهشتگردن کي فنڊ  به را ڏنو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو