لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور شهر جا سمورا داخلي ۽ نڪرڻ وارا رستا رات دير سان ٽريفڪ لاءِ کوليا ويا.سي ٽي او موجب لاهور ايسٽ بائي پاس کي به ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي.بابو صابو، ٺڪر نياز بيگ، شاهدره، سگيان سميت سمورن داخلي ۽ خارجي رستن تي ٽريفڪ رواني آهي.ان کان علاوه موٽر وي ايم 2 کي به شيخوپوره تائين ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو.لاهور ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ رينجرز کي طلب ڪيو ويو.سرڪاري ذريعن موجب لاهور ۾ رينجرز کي طلب ڪيو ويو، ڪال جو مقصد صوبائي راڄڌاني ۾ امن امان برقرار رکڻ آهي.ذريعن موجب رينجرز جي پي او چوڪ ٻاهران ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي موجود آهن.










