لاهور ايئرپورٽ اندر فائرنگ 2 ڄڻا قتل، حملوڪندڙ گرفتار

لاهور ايئرپورٽ اندر فائرنگ 2 ڄڻا قتل، حملوڪندڙ گرفتار

لاهور(م ڊ) لاهور ايئر پورٽ اندر فائرنگ 2 ڄڻا قتل هڪ زخمي، 2 حمله آورن کي ايئرپورٽ سيڪورٽي فورس وارن گرفتار ڪري ورتو. ملزمن جي سڃاڻپ ارشد ۽ شان طور ٿي آهي. جڏهن ته مارجي ويل هڪ شخصاڪرم ٽيڪسي ڊرائيور اڪرم ۽ ٻيو 28 سالا زين رفيق آهي جيڪو پوليس رڪارڊ موجب پيپلز پارٽي جي سرگرم ڪارڪن بابر بٽ کي 2017 ۾ قتل ڪيو هو. اربع تي ايئرپورٽ جي پرڏيهه مان اچڻ وارن جي انتظار گاهه لائونج ۾ واقعو پيش آيو ۽ قتل ٿي ويل سعودي مان عمرو ادا ڪري موٽي آيا ته هوائي اڏي اندر ئي قتل ٿي ويا. بابر بٽ 2013 ۾ لاهور جي صوبائي حلقي پي پي 157 تان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهيو هو ۽ ان وقت سندس وارثن ميان شهباز شريف تي الزام هنيو هو ته هن اجرتي قاتلن کان کيس مارايو آهي. گرفتار ملزمن ٻڌايو آهي ته کين بابر بٽ جي ڀاءُ قيصر بٽ قتل لاءِ موڪليو ۽ 2 پسٽل کين ايئرپورٽ تي هڪ ٽيڪسي ڊرائيور ڏنا. جيڪو سيٽ جي هيٺان لڪائي کڻي آيو هو. هٿيار اندر ڪيئن آيا ان بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ايئرپورٽ تي رينجرز کي تعينات ڪيو ويو آحي.

پهنجو تبصرو موڪليو