اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ رستا بند ڪرڻ واري ڪيس ۾ اسلام آباد بار جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو، جڏهن ته جسٽس يحيٰ آفريدي فيصلي ۾ اختلافي نوٽ پيش ڪيو. اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو ته مان سمجهان ٿو ته عدالت وٽ عمران خان خلاف ڪارروائي جو مواد ناهي. جسٽس يحيٰ آفريدي رمارڪس ڏيندي چيو ته عمران خان پنهنجي ڪارڪنن کي ڊي چوڪ پهچڻ جو چيو هو پر عمران خان 25 مئي جي عدالتي حڪم تي عمل ناهي ڪيو. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته لانگ مارچ جي صورتحال ختم ٿي وئي، رستا کوليا ويا ۽ درخواست غير موثر ٿي وئي. سپريم ڪورٽ اسلام آباد بار جي درخواست غير موثر قرار ڏئي ڇڏي.










