اسلام آباد(بيورو) پ پ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ اسان لڪي ڪري رابطا ڪري رهيا آهن.وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ اسيمبلي ميمبر اسان سان لڪي ڪري رابطه ڪري رهيا آهن، لانگ مارچ کان اڳ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن مونسا رابطو ڪيو ۽ اياز صادق به ٻڌايو ته پرويز خٽڪ ۽ اسد قيصر ملڻ چاهين ٿا جنهن کانپوءِ انهن سان ملاقات ڪئي.خورشيد شاهه جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران اسان کي ٻئي ڏينهن ملاقات جو چيو پر هو ٻيهر ملاقات ڪرڻ نه آيا، اسان انهن جو انتظار ڪندا رهياسين.خورشيد شاهه چيو لڪي ڪري رابطه ڪرڻ سياست ناهي هوندي نه ئي اسان اهڙي سياست ڪندا آهيون، پيپلزپارٽي چارٽر آف اڪنامي بابت سرعام ڳالهه ڪئي هئي ۽ جيڪڏهن هاڻي به ڳالهه ٿي ته اها سرعام ٿيندي.










