لانگ مارچ: سنڌ پوليس کي اسلام آباد اماڻڻ خلاف درخواست رد

لانگ مارچ: سنڌ پوليس کي اسلام آباد اماڻڻ خلاف درخواست رد

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس جا 6 هزار اهلڪار لانگ مارچ روڪڻ لاءِ اسلام آباد اماڻڻ بابت درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بيئنچ جي آڏو سنڌ پوليس جا 6 هزار اهلڪار لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ اسلام آباد اماڻڻ خلاف اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان ٻڌايو ته آئين جي ڪهڙي شق جي ڀڃڪڙي ٿي آهي؟ درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ 16 جي ڀڃڪڙي ٿي آهي. آءِ جي سنڌ جو جاري ڪيل نوٽيفڪيشن غير قانوني آهي. آئين هر شهري کي احتجاج جو حق ڏئي ٿو. تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ نفري اماڻي وئي آهي.داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ کي 6 هزار اهلڪار واپس گهرائڻ جا حڪم جاري ڪن. سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪڻ لاءِ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پوليس اهلڪارن جي سخت ضرورت آهي. گذريل ڪجهه مهينن کان ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿيو آهي. پوليس کي اسلام آباد اماڻڻ بجاءِ ڪراچي ۾ مقرر ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو