لانگ مارچ، ٽرڪ مان ڪري زخمي پي ٽي آءِ جو ڪارڪن فوت

لانگ مارچ، ٽرڪ مان ڪري زخمي پي ٽي آءِ جو ڪارڪن فوت

لاهور(ويب ڊيسڪ)گذريل جمعي ڏينهن لاهور هالي روڊ تي ٽرڪ مان ڪري زخمي ٿيل پي ٽي آءِ جو ڪارڪن اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته حسن بلوچ نالي هڪ ڪارڪن پي ٽي آءِ جي بينر واري ٽرڪ تي سوار ٿي لانگ مارچ ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ته اوچتو وڻ جي ٽارين سان ٽڪرائجي ڪري هيٺ ڪري پيو ۽ سخت زخمي ٿي پيو.حسن بلوچ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سروسز اسپتال نيو ويو، جتي هو گذريل ڏينهن فوت ٿي ويو.49 ورهين جو حسن بلوچ لوهاري گيٽ اندر سوتر منڊي جو رهواسي هو، جنهن کي دفنايو ويو آهي.واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۾ هڪ خانگي ٽي وي چينل جي عورت رپورٽر به فرض سرانجام ڏيندي عمران خان جي ڪنٽينر هيٺان فوت ٿي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو