اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيمرا آي آر واءِ جي ٽاڪ شو آف دي ريڪارڊ تي 16 جنوري کان ٻن مهينن تائين پابندي مڙهي ڇڏي آهي. اينڪر پرسن ڪاشف عباسي جي شو ۾ وفاقي وزير فيصل ووڊا پاران مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي تي آرمي ايڪٽ جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ بابت هن فوجي لانگ بوٽ پيش ڪندي چيو هو ته ٻنهي جماعتن پي ٽي آءِ جي چوڻ تي نه پر فوجي بوٽ جي ڊپ سبب ووٽ ڏنو ۽ پنهنجيون پيش ڪيل ترميمون واپس ورتيون هيون. جنهن بعد سوشل ميڊيا تي عام ماڻهن توڙي سياسي جماعتن وفاقي وزير ۽ اينڪر تي سخت تنقيد ڪئي هئي. پيمرا ان جو نوٽيس وٺندي ان عمل کي غير اخلاقي ۽ فوج جو امج خراب ڪرڻ برابر قرار ڏيندي پابندي مڙهي آهي. اينڪر پنهنجي پروگرام ۾ وفاقي وزير جي ان عمل تي اعتراض ئي نه ڪيو هو. هلندڙ شو مان پيپلزپارٽي جو قمر الزمان ڪائره احتجاج ڪندي اٿي هليو ويو هو.










