لاش ملڻ باوجود ايم ڪيو ايم حڪومت سان گڏ آهي:شيخ

لاش ملڻ باوجود ايم ڪيو ايم حڪومت سان گڏ آهي:شيخ

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجن ڪارڪنن جا لاش ملڻ باوجود به حڪمرانن جي سياسي لاشن سان گڏ بيٺل آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته وزيراعظم فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز معاف ڪري ٿو ۽ توانائي وارو وزير وري ان کي رد ڪري ٿو.صدر سياسي مفاهمت ڪرائي ٿو. يا ڊي چوڪ تي فيصلو ٿيندو آهي. ٻوڏ متاثرين جي مدد ته پري جي ڳالهه آهي هتي نه صرف فوٽو ڪڍرايا پيا وڃن.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته ملڪ مٿان قرض 23 کرب روپين جو ٿي ويو آهي. گم ٿي ويل شهري جي بازيابي هجي يا پيناڊول جي گوري جو ملڻ سڀ هاءِ ڪورٽ مان ملي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو