لاش دفنايو واعدو آهي وارثن سان ملڻ ايندس، عمران خان

لاش دفنايو واعدو آهي وارثن سان ملڻ ايندس، عمران خان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ لاشن سوڌو ڌرڻي تي ويٺل متاثرن ۽ حڪومتي ٽيم ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد بلوچستان جي وڏي وزير طرفان هزارا برادري کي شهيدن جي تدفين کي وزيراعظم جي آمد سان مشروط نه ڪرڻ جي اپيل، وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي ذميواري صوبائي حڪومت جي آهي، وزيراعظم ۽ صدر به متاثرن سان ڳالهين لاءِ ايندا، پورهيتن جا لاش دفنائڻ کي وزيراعظم جي دوري سان مشروط نه ڪرڻ گهرجي،  ڌرڻي ۾ وڃي هزارا برادري کي مڙهه دفنائڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، وفاقي وزير علي زيدي ۽ ڪميٽي جي ٻين ميمبرز چيو آهي ته بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ ۾ پرڏيهي دشمن ملوث آهن، دشمن قوتون چاهين ٿيون ته بلوچستان ۾ بدامني پکيڙي پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪريون. هوڏانهن وزيراعظم  عمران خان طرفان مچ سانحي جي شهيدن کي دفنائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، جاري بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکويل خاندانن سان واعدو ڪريان ٿو ته جلد ڪوئيٽا ايندس،  شهيدن جي وارثن سان ڏک  ۾ برابر جو شريڪ آهيان، حڪومت امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر طرفان ملاقات ڪئي وئي، ملاقات ۾ اهم پارليماني معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.ياد رهي ته 4 جنوري تي مچ لڳ 11کاڻ مزدور ستا پيا هئا ته کين اغوا ڪري قتل ڪيو ويو هو. واقعي جي ذميواري داعش قبول ڪئي هئي. هزارا برادري جي ماڻهن احتجاج دوران نعرا هنيا هئا ته هي جيڪا دهشتگردي آهي ان جي پويان واردي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو