لاسي ڳوٺ جي قديمي قبرستان تباھي جي ڪناري تي پھچي ويو،انتظاميه غائب

لاسي ڳوٺ جي قديمي قبرستان تباھي جي ڪناري تي پھچي ويو،انتظاميه غائب

ڪراچي ( ن س ) ڪراچد واري علائقي گڏاپ لاسي ڳوٺ جي قديمي قبرستان تباھي جي ڪناري تي پھچي ويو قبرستان جي چارديواري ڪري پئي علائقي جو سڄو ڪچرو قبرستان اندر داخل ڪيترن ئي قبرن جا سليپ ڪرڻ سبب دفن ٿيلن جا لاش سامھون نظر اچڻ لڳا چارديواري نه ھئڻ ڪري رولو ڪتن ۽ مالوند جانورن جي داخل ٿيڻ سان قبرون جون بيحرمتيون ٿيڻ لڳيون موالين ۽ چرسن جا اڏا قائم چونڊيل نمائندا توڙي انتظاميا غائب رپورٽ موجب لاسي ڳوٺ ۾ موجود قديمي قبرستان تباھي جي ڪناري تي پھچي ويو قبرستان جون ديوارون ڪرڻ سبب ڀر پاسي جو مالوند جانور توڙي رولو ڪتن قبرون ۾ داخل ٿي تازو دفنائل مردن جا لاش ڪڍي کائڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته تازو برساتن ۾ ڪيترن ئي قبرون زمين ۾ دٻجي ويون ۽ ڪيترين ئي قبرون مٿان ڏنل سليپ به ڊھڻ سبب قبرون ۾ دفن مردن جا لاش سامھون نظر اچڻ لڳا روڊ ڀر سان قبرستان جي ڪريل ديوار سان علائقي جو سڄو ڪچرو قبرستان ۾ داخل ٿيڻ سبب ڪيتريون ئي قبرون ڪچري ھيٽ دٻجي ويون جڏھن ته قبرستان جي چارديواري ڪرڻ سبب ۽ ڀر پاسي جي موالين چرسن ۽ شرابين پاران قبرستان ۾ اڏا قائم ڪري ڇڏيا مين گيٽ آڏو ڪچرا ڪنڊي قائم ڪري روڊ تي گندگي جا پھاڙ ڄمي ويا قبرستان جو مين گيٽ به ٺٽي پيو جڏهن ته قبرستان ۾ ايندڙ ويندڙ علائقن واسي سخت پريشان ڪنهن به سار نه لڌي قبرستان اندار صفائي سٿرائي ۽ لائٽنگ جو نظام به درھم برھم علائقي واسي سخت پريشان چونڊيل نمائندن توڙي نا اھل انتظاميا جي اھڙي عمل خلاف علائقي واسين ۾ ڪاوڙ جي لھر ڇانئجي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو