ڪلوئي(غلام مصطفي نهڙيو) ڳوٺ پيرج آباد، لال ساهڙ هو ٿي ساهڙ سپراڻي سومرا ٻئين ڪافي ڳوٺن جي چوپائي مال رڍ ٻڪرين کي ٿڌ زڪام ۽ بخار کان وٽنري ڪئمپ قائم ڪري 1600 سئو ڍورن کي ويڪسين ڪئي وئي. انهيءَ موقعي تي وٽنري ڊاڪٽر ميوهه رام ميگھواڙ، جان محمد نهڙيو ۽ آصف قائمخاني صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ضلعي ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي هدايتن تي ڪلوئي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ وٽنري ڪئمپون قائم ڪري رهيا آهيون ڪٿي به چوپائي مال ۾ ڪا بيماري هجي ته فوري طور ڳوٺاڻا اسان سان رابطو ڪن ته جيئن سندن چوپائي مال کي وچڙندڙ بيماري کان بچائي سگهجي.










