اسلام آباد ( بيورو) گجرات جي چوڌري ڀائرن جي ڪيمپ ۾ موجود ڪجهه بااثر شخصيتن پنجاب جي 20 سيٽن تي 17 جولاءِ تي ٿيندڙ ضمني چونڊن کان اڳ پنهنجي اتحادي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ملڪ جي طاقتور قوتن وچ ۾ تفاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون. انھن کي ھڪڙي صفحي ڏانھن واپس ڪرائڻ جو ڪوششون ڪيو پيون وڃن.مسلم ليگ (ق) پنهنجا سٺا لاڳاپا استعمال ڪري پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ملڪ جي طاقتور شخصيتن جي وچ ۾ خال کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.










