قونصل رسائي،ڪلڀوشن سان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ذريعن موجب ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي قونصلر رسائي ڏني وئي آهي ۽ ڪلڀوشن ياديو سان هن ملاقات ڪري ورتي آهي. پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڏوهه ۾ سزا ڪاٽيندڙ ڪلڀوشن کي خصوصي طور لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل مان اسلام آباد آندو ويو آهي ۽ پرڏيهي کاتي ۾ ملاقات جو انتظام ڪيو ويو. جنهن ڪمري ۾ ملاقات جو اهتمام ڪيو ويو ان کي سب جيل قرار ڏنو ويو هو. ٽن ڪلاڪن بعد ڀارتي سفارتڪار واپس روانو ٿي ويو. ملاقات بابت ٻنهي ڌرين ڪجهه به ناهي ٻڌايو. ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جاسوسي جي الزام ۾ سزا ڪاٽيندڙ ڪلڀوشن کان ڪيترائي سوال ڪندو رهيو. ان موقعي تي پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي هڪ سينئر خاتون آفيسر به موجود هئي. ڪلڀوشن ياديو ڀارتي نيوي جو آفيسر آهي ۽ هو مبارڪ جي نالي سان پاسپورٽ تي ويزا حاصل ڪري ايران مان بلوچستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو هو. هن کي پاڪستان جي سيڪورٽي ايجنسيز ٽريپ ڪري بلوچستان ۾ گهرائي 3 مارچ 2016 تي کيس گرفتار ڪيو هو. جنهن دوران هن ڪيترن ئي دوهستگردي جي وارداتن جو اقرار ڪيو هو. بعد ۾ ڀارت سندس ڪيس انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي ويو هو ۽ سندس آزادي جو مطالبو ڪيو هو جيڪو تفصيلي سماعت بعد عالمي عدالت 17 جولاءِ تي ٻڌايل فيصلي ۾ رهائي جي ڀارتي درخواست رد ڪندي قونصلر رسائي جي سفارش ڪئي هئي. پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي وزير اڳ ۾ ئي چيو هو ته هو عالمي عدالت جي حڪم مڃڻ جا پابند آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو