اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وڏين قربانين سان ملڪ ۾ امن بحال ڪيو آهي، دهشتگردي جي خاتمي سيڪيورٽي فروسز جون قربانيون مثال آهن.وزيراعظم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ۾ سوات جي صورتحال ۽ بندش پيل ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت معاملن تي خيالن جي ڏي ڪئي وئي .اجلاس ۾ آرمي چيف سمسيت سنيئر عسڪري قيادت، بچاءُ واري وزير، پرڏيهي معاملن جي وزير ۽ ڳجهن ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سي پيڪ جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي چئني صوبن جا آءِ جيز پڻ شريڪ ٿيا.وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ملڪ جي گڏيل سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته سوات ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال بريفنگ پڻ ڏني وئي، سيڪيورٽي ادارن پنهنجون سفارشون پڻ اجلاس ۾ پيش ڪيون.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته وڏيون قربانيون ڏئي ملڪ ۾ امن بحال ڪيو ويو، دهشتگردي جي خاتمي ۾ سيڪيورٽي فورسز لازوال قربانيون ڏنيون آهن.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ عوام جي قربانين کي نه وساري نٿو سگهجي، دهشتگردن کي ڪنهن صورت ۾ ٻيهر مضبوط ٿيڻ نه ڏنو ويندو.










