اڳوڻي نااهل ۽ نالائق حڪومت جي قوم ڳري قيمت چڪائي پئي: شيري رحمان

اڳوڻي نااهل ۽ نالائق حڪومت جي قوم ڳري قيمت چڪائي پئي: شيري رحمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان عمران خان جي ٽوئٽ تي ردعمل ڏيندي چيو ته قوم ڳري قيمت ڪنهن اين آر او جي ڪري نه پر اڳوڻي نااهل ۽ نالائق حڪومت جي ڪري چڪا آهي پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو تها وهان چئن سالن ۾ تاريخي قرض ورتو 70 سالن ۾ ملڪ جو ڪل قرض 24 هزار ارب رپيا هو وفاقي وزير چيو ته اوهان چئن سالن ۾ 18 هزار ارب کان وڌيڪ قرض وٺي قل قرضن ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪيو اوهان خيبروپختونخواه ۾ احتساب عدالت کي تالو لڳايو وفاقي وزير چيو ته اوهان جي دور ۾ ڪرپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان 117 کان 140 نمبر تي اچي ويو اوهان ڪهڙي منهن سان ڪرپشن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو وفاقي وزير چيو ته ملڪ تي ڏينهن ڏٺي ڌاڙو ته اوهان هنيو، بي آر ٽي، ايل اين جي، دوائون، اٽو، کنڊ، بلين ٽري، مالم جبا ۽ ٻين جو ذميوار ڪير آهي وفاقي وزير چيو ته اوهان جي نام نهاد بيانئي کان ماڻهو تنگ ٿي چڪا آهن اوهان ٻين کي چور چئو ٿا جڏهن ته پاڻ ڪرپٽ قدمن جي ڪري نااهل ٿي چڪا آهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو