قوم کي هر مشڪل امتحان ۾ قائداعظم جي پيروي ڪرڻي پوندي: بلاول ڀٽو

قوم کي هر مشڪل امتحان ۾ قائداعظم جي پيروي ڪرڻي پوندي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته قوم کي هر ڏکئي امتحان ۾ وزيراعظم جو ساٿ ڏيڻو آهي، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر زمين ٻوڏ جي صورت ۾ چئلينج کي منهن ڏئي رهي آهي.قائداعظم محمد علي جناح جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي قيام جهڙي عظيم ڪاميابي قائداعظم جي جمهوري جدوجهد جو نتيجو آهي، هو هر ڪنهن لاءِ سماجي انصاف چاهين ٿا هن چيو ته قائداعظم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو ان جي اصولن تي قائم رهڻ آهي، سندس رهنما اصول اتحاد، پختي يقين ۽ نظم و ضبط تي قائم رهڻ گهرجن.پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته هو پاڪستان کي اهڙي رياست بڻائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندا جتي جمهوريت مضبوط هجي.بلاول ڀٽو زرداري جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان کي هڪ اهڙي رياست ٺاهيو جتي آئين ۽ پارليامينٽ بالادست هجي، اهڙي رياست ٺاهيو جتي انساني حقن جو احترام هجي ۽ معاشي موقعا سڀني کي ميسر هجن.

پهنجو تبصرو موڪليو