اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار امير مقام چيو آهي ته پوري قوم مطالبو ڪري ٿي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌايو وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته نيشنل ٽائمز جي جاچ رپورٽ عمران نيازي کي ڦرلٽ ثابت ڪري ڇڏيو آهي.امير مقام وڌيڪ چيو ته عمران خان جي 4 سالن جي حڪومت ۾ اڳوڻي فاٽا جا 440 ارب رپيا به هڙپ ڪيا ويا.وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار جو اهو به چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ تمام جلد بحرانن مان نڪرندو.










