قوم خوف جو بت ٽوڙي ميدان ۾ اچي رهي آهي، عمران خان

قوم خوف جو بت ٽوڙي ميدان ۾ اچي رهي آهي، عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم خوف جو بت ٽوڙي ميدان ۾ اچي رهي آهي.اهڙن خيالن جو اظهار عمران خان لاهور ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال، جيل ڀريو تحريڪ ۽ عام چونڊن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي عمران خان ۽ پرويز الاهي ن ليگ جي عدليه مخالف مهم جي مذمت ڪئي.عمران خان چيو ته حڪمران نه آئين تي عمل ڪري رهيا آهن ۽ نه ئي عدالتي فيصلن کي مڃي رهيا آهن.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، نااهل حڪمران اليڪشن کان ڊنل آهن ۽ انتقامي ڪارروايون ڪري رهيا آهن. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جيل ڀريو تحريڪ تحت سڄي ملڪ مان پارٽي اڳواڻ، ڪارڪن ۽ عوام رضاڪارانه گرفتاريون ڪندا. هن چيو ته نااهل گروپ پهريان ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ۽ هاڻي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين اهو به چيو ته حڪمران جيترا ڏينهن اقتدار ۾ رهندا اوترو ملڪ جو نقصان ٿيندو. چوڌري پرويز الاهي چيو ته مسلم ليگ ن پنهنجي روايت موجب عدليه تي حملا ڪري رهي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ناهي ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪمران اتحاد عمران خان کان ڊڄن ٿا، اليڪشن ڪميشن ۽ گورنرن کي ياد رکڻ گهرجي، جيڪڏهن آئين ٽوڙيو ويو ته آئين سندن خلاف ڪارروائي ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو