قومپرست اڳواڻ قمر ڀٽي جي چوٿين ورسي، ڀيٽا پيش

قومپرست اڳواڻ قمر ڀٽي جي چوٿين ورسي، ڀيٽا پيش

باڊھ(رپورٽ محمد قاسم ٻگھيو)جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي باني مرحوم ڀائو قمر ڀٽي ايڊوڪيٽ جي چوٿين ورسي عقيدت ۽ احترام سان قومپرست هائوس باڊھ تي ملهائي وئي. ورسي تقريب جي شروعات کان اڳ ۾ جسقپ چيئرپرسن سوڀ قمر ڀٽي، ڪامريڊ دودو ديشي, قنڌار ڀٽي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، نياز پنهور، سيد منصور علي بخاري، حاجي نظام الدين ڀٽي،م حمد علي خشڪ،مظھر نوشاد ، هدايت الله ٻگهيو، سگهڙ حافظ بچل مشوري، هيمون ڀٽي، امتياز گاڏھي, هوش محمد ڀٽي ۽ ٻين گڏجي شهيد جي مزار تي قرآن خواني ڪرائي گلن جي چادر چاڙھي وئي. عامر سنڌي قومي ترانو چئي شهيد کي ڀيٽا پيش ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد ڀائوقمر ڀٽي پنهنجي پوري ڄمار سنڌ لاء سختيون ته برداشت ڪيون پر هُن ڪڏھن به سن جي سيد ۽ سنڌ امڙ کان منهن نه موڙيواڄ  کيس ان بي لوث محبت تي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. شهيد قمر ڀٽي جي ڇڏيل مشن کي هر حال ۾ پورو ڪنداسين. آخر ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ ۽ سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ ڪرڻ توڙي سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ، درست آدشماري ڪرڻ ۽قومي ڪارڪنن جي آزداي جون قراردادون پاس ڪيون ويون آخر ۾ قومي راڳي راجا سومرو,عامرسنڌي, آڪاش نوناري قومي گيت چئيا ان کان بعد ۾ ننگر تقسيم ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو