ملير ۽ ملتان ۾ پ پ ڪامياب،عمران خان کي 6 تڪن تي سرسي حاصل

ملير ۽ ملتان ۾ پ پ ڪامياب،عمران خان کي 6 تڪن تي سرسي حاصل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي 8 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 3 تڪن ۾ پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي.پولنگ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو سلسلو جاري آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو قومي اسيمبلي جي 8 مان 7 سيٽن تي ٻين اميدوارن سان مقابلو ڪيو هن وقت تائين جي غير سرڪاري ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف ضمني چونڊن ۾ 3 سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن ۽ 3 سيٽن تي برتري حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته ملتان ۾ پيپلز پارٽي ڪامياب قرار ڏني وئي آهي ۽ ملير جي سيٽ تي واضح برتري حاصل ڪئي آهي. عمران خان پشاور جي سيٽ کٽي ۽ اي اين پي جي اميدوار غلام احمد بلور کي شڪست ڏني. اين اي 31 پشاور جي سمورن 265 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب عمران خان 57 هزار 824 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. اي اين پي جو غلام احمد بلور 32 هزار 253 ووٽ کڻي سگهيو ۽ اهڙي طرح غلام بلور 25 هزار 571 ووٽ کڻي هارائي ويو.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پشاور کانپوءِ مردان جو ميدان به کٽي ورتو. اين اي 22 مردان 3 جي سمورن 330 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جو عمران خان 76681 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.جمعيت علماءِ اسلام ف جي محمد قاسم 68181 ووٽ کنيا ۽ 8500 ووٽ کڻي هارائي ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان به عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ امل ولي خان کي شڪست ڏني. عمران خان امل ولي خان کي 10233 ووٽن سان شڪست ڏني. اين اي 24 چارسده جي سمورن 384 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب عمران خان 78589 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي امل ولي خان 68356 ووٽ حاصل ڪيا.اين اي 108 فيصل آباد 8 جي 353 پولنگ اسٽيشنز مان 164 جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جو عمران خان 42190 ووٽ کڻي اڳتي ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جو عابد شير علي 30228 ووٽن سان ٻئين نمبر تي آهي. اين اي 118 ننڪانه صاحب 2 جي 319 پولنگ اسٽيشنن مان 273 جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب عمران خان 75681 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي آهي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي اميدوار شازرا منصب علي 65096 ووٽ حاصل ڪيا. اين اي 237 ڪراچي ملير 2 جي 194 مان 103 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جو عبدالحڪيم بلوچ 13212 ووٽ کڻي اڳتي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جو عمران خان 11502 ووٽن سان ٻئين نمبر تي آهي. اين اي 239 ڪراچي ڪورنگي 1 جي 330 مان 43 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جو عمران خان 5805 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي آهي ۽ متحده قومي موومينٽ جو سيد نيئر رضا 1103 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي آهي. پنجاب اسيمبلي جي ٽن سيٽن تي به ننڍي چونڊ ٿي جنهن ۾ پي پي 139 شيخوپوره، پي پي 209 خانيوال ۽ پي پي 241 بهاولنگر شامل آهن. پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ 2 ۽ مسلم ليگ (ن) هڪ سيٽ حاصل ڪئي. پي پي 209 خانيوال جي سيٽ پي ٽي آءِ کٽي ورتي ۽ سمورن 176 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جو محمد فيصل خان نيازي 71156 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.مسلم ليگ ن جي چوڌري ضياءُ الرحمان 57603 ووٽ حاصل ڪيا. پي پي 241 بهلنگر 5 جي سمورن 168 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي ملڪ محمد مظفر خان 59 هزار 957 ووٽ کڻي تحريڪ انصاف جي سيٽ کٽي ورتي. پاڪستان مسلم ليگ ن جو امان الله ستار 48147 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو.شيخورپور جي سيٽ مسلم ليگ (ن) جي هٿ ۾ وئي ۽ ن ليگ جي چوڌري افتخار احمد ڀنگو ڪاميابي حاصل ڪئي.پي پي 139 شيخوپوره 5 جي سمورن 153 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان مسلم ليگ ن جو چوڌري افتخار احمد ڀنگو 40829 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي رهيو.سندس مخالف پاڪستان تحريڪ انصاف جي محمد ابوبڪر 37712 ووٽ حاصل ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو