حيدرآباد(ن سنڌيار)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي قاسم آباد جي مختلف ڳوٺن واڻڪي وسي، مسو ڀرڳڙي جو دورو ڪري متاثرين ۾ راشن بسڪيٽ، کير، جوس، پيمپر، پاڻي، نمڪو، ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون تقسيم ڪيون. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت ڪڏھن بہ عوام جي مشڪل وقت ۾ واھر نہ ڪئي آھي۔ سنڌ حڪومت جي وزيرن ھميشہ ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن کي ڪمائي جو ذريعو بنايو آھي۔ عوام کي بي يارومددگار ڇڏي ڏنو آهي، ڳوٺن ۾ کاڌ خوراڪ جي سخت قلت پيدا ٿي وئي آهي. مرد عورتون ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ نااهلي جي ڪري شاھوڪار سنڌ جا حقيقي وارث سنڌي لکين ڀائر، ڀينرون، بزرگ، مائرون ۽ ٻار سخت گرمي، آس ۾ کليل آسمان هيٺان روڊن جي ڀرسان ويٺا آهن مڇر پٽين پيا معصوم ٻارڙن جي رڙيون پيا ڪن ، عورتون، ٻار بکيا ويٺا آهن ۽ جيڪي پنھنجا کربين روپيا کائي ويا آهن حڪمران لاتعلق آهن اھي انتظار ۾ ويٺا آهن تہ ھي سنڌي ٻڏن ان ٻوڏ جي تباھي مان اھي پيسا گڏ ڪري کائڻ چاھين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي زوري ٻوڙيو ويو آھي جيئن ڪوڙا ڀوپا ۽ عامل جن ڪڍندا آھن تيئن قوم جي ڀٽڪيل ماڻھن مان ڪا غيبات ڪڍجي، نہ تہ ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمرانن ھٿان تباھ ۽ برباد ٿي وينداسين توهان مايوس بيوس لاچار پنھنجو پاڻ کي اڪيلا نہ سمجھو توهان کي روڊن تي ويھڻ تي مجبور ڪرڻ وارا هي پ پ پ جا ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمران آهن توهان پر امن احتجاج ذريعي مڙسي ڪري روڊ بند ڪري پنھنجن ٻچڙن جي لاء ويھي رهو جيڪڏهن هي ڪرپٽ حڪمران توهان کي ھيسائيڻ جي ڪوشش ڪندا تہ توهان جي پنھنجي همدرد پارٽي قومي عوامي تحريڪ ۽ توهان جو ڀاءُ اياز لطيف پليجو منھن توڙ جواب ڏيندو ۽ هر ڏکي وقت قومي عوامي تحريڪ توهان جي مالڪي ڪندي.ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ ڊاڪٽر گلزار جماڻي الطاف خاصخيلي شوڪت سريوال پروفيسر ڊاڪٽر مجدد قريشي خادم سمون پروفيسر شھاب مغل درشن سچديو پروفيسر خورشيد شيخ آزاد ميرواھي رفيق ڪنراڻي گڏ ھئا










