قومي شاهراهه تي حادثو، ڊاڪٽر ٿڏي تي فوت

قومي شاهراهه تي حادثو، ڊاڪٽر ٿڏي تي فوت

شاهپور جهانيان (اسد ٻگهيو) دولتپور ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتار مزدا جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ ماڙي واسي 45 سالا ڊاڪٽر حنيف آرائين موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته حادثي ۾ مڇي سان لوڊ ٿيل مزدا ٽرڪ پڻ ڪلٽي ٿي پئي. حادثو ڪندڙ مزدا جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو  اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو لاش مقامي اسپتال پهچايو جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو