اسلام آباد (بيورو) پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون اڳتي وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب نيشنل سيڪيورٽي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اهم اجلاس اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ قومي پارلياماني ۽ سياسي قيادت، سينيٽ چيئرمين، قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي، دفاع بابت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن، وفاقي وزيرن، صوبن جي وڏن وزيرن کانسواءِ گلگت بلتستان جي وڏي وزير، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ قومي سلامتي جي معاملن ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ٿيندڙ تازي ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ويو.شرڪت ڪندڙ چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف پاڪستان غير معمولي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي.اجلاس ۾ قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جنهن سبب ملڪ جي سڀني حصن ۾ رياستي عملداري يقيني بڻي.شرڪت ڪندڙ چيو ته پاڪستان جي دستور تحت طاقت جو استعمال رڳو رياست جو اختيار آهي.اجلاس اي پي ايس سانحي سميت دهشتگردن جو نشانو بڻجندڙن ۽ انهن خلاف ڪارروائي دوران شهيد ٿيندڙن جي قربانين جو اعتراف ڪندي واضح ڪيو ته رياست پنهنجي شهيدن جي قربانين ۽ متاثر خاندانن جي محافظ هئي ۽ رهندي.شرڪت ڪندڙن چيو ته افغان حڪومت جي مدد ۽ سول، فوجي اختيارين جي قيادت ۾ پاڪستاني حڪومت جي ڪميٽي ڪالعدم ٽي ٽي پي سان آئين جي دائري ۾ رهندي ڳالهيون ڪري رهي آهي ته جيئن علائقائي ۽ داخلي امن کي استحڪام ملي سگهي.اجلاس قرار ڏنو ته حتمي نتيجن تي عمل درآمد پاڪستان جي دستور جي حدن اندر ضابطي جي ڪارروائي پوري ٿيڻ ۽ پاڪستاني حڪومت جي منظوري کانپوءِ ٿيندو.ڪميٽي ڳالهه ٻولهه جي ان عمل کي اڳتي وڌائڻ جي باضابطا طور منظوري ڏني، جڏهن ته هڪ ”پارلياماني اوور سائيٽ ڪميٽي“ جوڙڻ جي به منظوري ڏني، جيڪي آئيني حدن ۾ ان عمل جي نگراني جي ذميوار هوندي.










