اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ آرمي چيف سميت فوجي قيادت شرڪت ڪندي. اجلاس ۾ وفاقي وزير به شرڪت ڪندا.ًذريعن جو چوڻ آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ موجوده صورتحال بابت فيصلا ڪيا ويندا.










