اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو. ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس 2 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هٿياربند فوجن جا سربراهه ۽ وفاقي وزير شرڪت ڪندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ آمريڪا ۾ مقرر اڳوڻي سفير اسد مجيد خان کي به طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد مجيد مبينا خط جي حقيقتن بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندو.










